اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 14 ھين ورسي ملهائي پئي وڃي

لاڙڪاڻو/نئون ديرو : اڳوڻي وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 14 ھين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسي لاءِ پنڊال تيار ڪيو ويو آهي، منجهند 2 وڳي کان جلسي جي شروعات ٿيندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا

ورسي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان جيالن جي ڳڙهي خدا بخش آمد جو سلسلو جاري آهي، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري به ري پئي وڃي، استقباليه ڪئمپن تي پارٽي گانن جي گونج ۽ جيالا رقص ڪري رهيا آهن

ورسي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، 7 هزار پوليس اهلڪار چرپر تي نظر رکڻ لاءِ مقرر آهن ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن تي مانيٽرنگ به جاري آهي

جڏھن ته ضلعي وائيز ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون آھن جتي ملڪ جي مختلف حصن کان ايندڙ جيالن کي ترسايو ويندو، پ پ ڪلچرل ونگ پاران مشاعرو ڪيو ويندو جنھن ۾ ملڪ جا شاعر ۽ راڳي شهيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪندا

مزار جي ٻنهي پاسي 120 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پارڪنگ ايرياز ٺاهيا ويا آهن، جلسي گاهه ۾ اندر داخل ٿيل لاءِ 7 گيٽس کوليا ويا،  70کان وڌيڪ واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا آهن جتان جلسي ۾ ايندڙ کان جهڙتي وٺڻ بعد جلسي گاهه اندر ڇڏيو پيو وڃي، 150 کان وڌيڪ ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون لڳايون ويون آھي جنهن ذريعي جلسي ۾ ٿيندڙ چرپر تي نظر رکي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔