معافي قبول: سپريم ڪورٽ طرفان مرتضيٰ وھاب کي ھٽائڻ وارو فيصلو واپس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب جي غير مشروط معافي قبول ڪندي کيس عهدي تان هٽائڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گٽر گارڊن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب عدالت ۾ پيش ٿيو

ٻڌڻي دوران سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت مرتضيٰ وهاب تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس قاضي امين چيو ته هي زمينون رياست جون آهن، توهان جي ذاتي ملڪيت نه آهن، سموريون زمينون واپس ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن اسان نه ورتيون ته ڪو ٻيو اچي وٺي ويندو، توهان زمينون واپس ڪيو

ان تي مرتضيٰ وهاب بينچ سان سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ڇا اسان هليا وڃو، حڪومت ڇڏي ڏيون؟ اوپن ڪورٽ ۾ حڪومت جي خلاف وڏا آبزرويشن پاڪس ڪيا ويندا آهن

ايڊ منسٽريٽر ڪراچي پاران اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ تي چيف جسٽس گلزار احمد مرتضيٰ وهاب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته چُپ ڪيو، ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، هتي سياست نه ڪريو، توهان هتي سياست ڪري رهيا آهيو، نڪري وڃو هتان ، توهان کي هاڻي ئي فارغ ٿا ڪري ڇڏيون، توهان ايڊ منسٽريٽر آهيو يا سياسي اڳواڻ؟ ايڊمنسٽريٽر کي شهرين جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي ته جيئن هو غير جانبداري سان ڪم ڪري، ايڊمنسٽريٽر جو عهدو سياست لاءِ ناهي هوندو

چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته عام طور تي منتظمين پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ايڊمنسٽريٽر جو رويو سياسي اڳواڻن جهڙو آهي شهرين جي خدمت جو ناهي

عدالت سنڌ جي وڏي وزير کي غير جانبدار ۽ قابل شخص کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته مرتضيٰ وهاب ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي اهل ناهي، کيس هٽائي هن جي جاءِ تي اهل ماڻهو کي لڳايو وڃي

بعد ۾ مرتضيٰ وهاب سخت لفظ استعمال ڪرڻ تي عدالت کان معافي گهرندي چيو ته مان پنهنجي رويي تي معافي گهران ٿو، مون کي معاف ڪيو وڃي

جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته اسان توهان کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، توهان هاڻي منتظم نه رهيا آهيو، توهان رياست نه پر حڪومت آهيو، ٻنهي جي فرق جي خبر هجڻ گهرجي، توهان جو عهدي تي رهڻ مفادن جو ٽڪراءُ هوندو، جنهن بعد عدالتي ڪارروائي ۾ ٿوري وقفي کانپوءِ مرتضيٰ وهاب جي معافي قبول ڪندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔