بلدياتي چونڊن ۾ شڪست، پي ٽي آءِ جا اندروني اختلاف سامهون اچي ويا

بلدياتي چونڊن ۾ شڪست، پي ٽي آءِ جا اندروني اختلاف سامهون اچي ويا، پي ٽي آءِ ميمبر خيبرپختونخواهه اسيمبلي ڊاڪٽر هشام انعام الله ۽ وفاقي وزير علي امين گنڊاپور وچ ۾ اختلاف برقرار آهن

ڊاڪٽر هشام انعام الله مڪاني چونڊن کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي لکيل خط ۾ لڪي مروت ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورهاست جي نشاندهي ڪئي هئي

پي ٽي آءِ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي پارٽي جي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور تي من پسند اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جو الزام هنيو هو

نجي ٽي وي ڳالهائيندي پي ٽي آءِ ايم پي اي ڊاڪٽر هشام انعام الله چيو ته مڪاني چونڊن ۾ علي امين گنڊاپور جا من پسند اميدوار بُري طرح سان ھارائي ويا، جڏهن ته علي امين جي من پسند ماڻهن جي مقابلي ۾ منهنجا ماڻھو کٽي ويا

ڊاڪٽر هشام انعام الله وڌيڪ چيو ته هو پارٽي کٽيندڙ اميدوار ڏيندس پر پارٽي ۾ منهنجي جاءِ ملڻ گهرجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔