سنڌ حڪومت پاران 100 اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ حڪومت پاران پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 17 هين گريڊ جا 100 اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ سيڪشن آفيسر ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو، آفيسرن جون ڀرتيون پي ايم ايس، ايڪس پي سي ايس يا پي ايس ايس گروپ جي رولز تحت ڪجن ؟ سروسز کاتي جي اختيارين پاران مونجھارو ختم ڪرڻ لاءِ ايڊوڪيٽ جنرل کان تجويزون گھرائي ورتيون

تجويزون اچڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکي ٻنهي پوسٽن تي ڀرتين لاءِ اميدوارن کان امتحان وٺڻ جي سفارش ڪئي ويندي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بحال ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ انتظامي پوسٽن تي ڀرتين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان حوالي سان سروسز کاتي پاران صوبي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسرن جي 100 کان وڌيڪ خالي پيل جاين تي ڀرتين لاءِ تياري شروع ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ سروسز کاتي پاران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ڏانهن خط لکي ڀرتين جي رولز بابت تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن

خط ۾ لکيو ويو آهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ذريعي سِڌي ريت 17هين گريڊ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي پوسٽ لاءِ صوبائي مينيجمينٽ سروس، ايڪس پي سي ايس يا صوبائي سيڪريٽريٽ سروس وارن رولز تحت ڀرتيون ڪيون وڃن؟ ذريعن موجب ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان تجويزون اچڻ بعد سروسز کاتي پاران 17هين گريڊ جي ڄاڻايل ٻنهي پوسٽن تي 100 کان وڌيڪ ڀرتين لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن کي خط لکيو ويندو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔