ڪراچي: ارسلان محسود جو موت اهلڪار توحيد جي گولي سبب ٿيو: جاچ اختياريون

ڪراچي : ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ارسلان محسود جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آھي

ارسلان محسود ڪيس ۾ فارنزڪ کانپوءِ ثابت ٿي ويو ته ارسلان جو موت پوليس اهلڪار توحيد جي گولي سبب ٿيو، شاهد اڳوڻي ايس ايڇ او اورنگي ٽائون سميت ٽن جوابدارن جي سڃاڻپ به ڪري ڇڏي، جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس ڊيوٽي ڪندڙ توحيد جي پسٽل ۽ گولين جي فارنزڪ به ڪرائي وئي، توحيد جي فائرنگ ۾ ئي ارسلان جو موت واقع ٿيو

توحيد جو لائنسن بلوچستان جي ضلعي صحبت پور جو آهي جنهن جي تصديق لاءِ خط لکيو ويو آهي ۽ هاڻي جواب جو انتظار آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اورنگي ٽائون اعظم گوپانگ تي ناجائز هٿيارن جو به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

جاچ اختيارين موجب اڃا تائين سموريون شاهديون پوليس اهلڪارن جي خلاف آهن ۽ ڪيس ۾ گرفتار ٽنهي جوابدارن کي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي، واضح رهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اورنگي ٽائون ۾ شڪي مقابلي ۾ 14 ورهين جو شاگرد مارجي ويو هو جنهن بعد وارثن سخت احتجاج سبب ايس ايڇ او کي معطل ڪري فائرنگ ڪندڙ اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔