سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سنگين ٿي وئي

ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سنگين ٿي وئي آھي، آبادگارن جي احتجاجن باوجود ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري، خانپور مهر ۾ آبادگارن ۽ جي يو آءِ جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو

ڌرڻي سبب گهوٽڪي- خانپور مهر روڊ بلاڪ ٿي ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ زراعت کاتي جي عملدارن تي ڀاڻ جي کوٽ ۾ ملوث هجڻ جو الزام ھنيو ويو، ڏهرڪي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي مبينا پرچي تي ڀاڻ جي ٻوري ساڍا 700 بدران 19 سئو رُپين ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي

ڊيلرز دعويٰ ڪئي آهي ته اي سي ڏهرڪي کين 19 سئو رُپيا في ٻوري وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، آبادگارن طرفان ڊيلرز ۽ اَي سِي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔