تبديلي اچي نه رهي آهي، شرم سان وڃي رهي آهي، مريم نواز جو رد عمل

مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي

مريم نواز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته تبديلي اچي نھ رھي آھي، تبديلي وڃي رھي آھي ۽ اها به ذلت، طعنن ۽ لکين بددعائون کڻي

سندس چوڻ هو ته 22 ڪروڙ جي ملڪ کي مھانگائي، لاقانونيت، نالائقي ۽ نااھلي جي دلدل ۾ ڦاسائي ۽ ھر شعبي ۾ بدترين ۽ تاريخي ناڪامي جا داغ پنھنجي مٿي تي سجائي اھي وڃي رھي آھي تبديلي

ياد رهي ته خيبرپختونخواهه جي 17 ضلعن ۾ ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ کي ڪيترن ئي هنڌن تي شڪست ملي آهي ۽ 4 شهرن جي ميئر جي سيٽن تي هڪ به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔