مڪاني چونڊ ۾ ڪاميابي تي فائرنگ ڪندڙ اميدوار پنهنجي ئي گولي جو شڪار

پشاور ۾ جي يو آءِ ف جو ڪونسل اميدوار ذڪريا خان پنهنجي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ دوران هوائي فائرنگ ڪندي پنهنجي ئي گولي لڳڻ سبب اجل جو شڪار ٿي ويو

گذريل ڏينهن خيبرپختونخواه ۾ مڪاني چونڊن دوران جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پولنگ دوران راڪيٽ حملن، فائرنگ ۽ آپگهاتي ڌماڪن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

ڪوهاٽ جي تعلقي دره آدم خيل ۾ به هٿياربندن پولنگ اسٽيشن تي حملو ڪيو، بيلٽ باڪس کي باهه ڏئي ڇڏي، زڪو خيل ۽ لنڊي ڪوتل جي پولنگ اسٽيشنن تي به حملو ڪيو ويو، بونير ۽ نوشهره ۾ به عورتن جي پولنگ اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا

پوليس جو چوڻ آهيت واقعي جي جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو ذڪريا خان پنهنجي گولي لڳي يا ٻئي ڪنهن جي، جاچ جاري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔