ڪراچي ۾ پوليس موبائل ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر، اي ايس آءِ فوت

ڪراچي: حب ريور روڊ تي پوليس موبائيل ۽ ڊمپر وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آءِ) مارجي ويو ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

پوليس موجب 15 مددگار جي پوليس موبائيل هڪ شڪايت تي حب ريور روڊ تي مواڇ ڳوٺ طرف وڃي رهي هئي ته اڳيان هلندڙ ڊمپر اوچتو بريڪ لڳائي جنهن بعد پوليس موبائيل ڊمپر کي ٽڪر هنيو

حادثي بعد پوليس موبائيل ڊمپر ۾ ڦاسي وئي ۽ ڊمپر ڊرائيور موبائيل کي ڪيترائي فٽ گھلڻ بعد ڊمپر ڇڏي فرار ٿي ويو، جنهن کي بعد کيس حراست ۾ ورتو ويو آهي

حادثي جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪار اي ايس آءِ اقبال، ڪانسٽيبل اعجاز، مير حسن ۽ عبدالقيوم سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال نيو ويو، جتي 50 ورهين جو اي ايس آءِ اعجاز زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔