بجلي 4 رپيا 33 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست

اسلام آباد: سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي درخواست ڪري ڇڏي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي طرفان نومبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي وئي آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 33 پئسا واڌ جي درخواست ڪئي آهي.درخواست ۾ چيو ويو ته نومبر ۾ مجموعي طور 8 ارب 48 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي ۽ 8 ارب .24 ڪروڙ يونٽ بجلي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي وڪرو ڪئي وئي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي جو چوڻ آھي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست تي ٻڌڻي 29 ڊسمبر تي ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔