اي پي ايس سانحي جا زخم اڄ به تازا آهن: حنيد لاکاڻي

ڪراچي: تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته اسان جي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اها قيمت ادا ڪئي آهي جنهن جو ڪوبه ڳاڻيٽونه آهي .

اي پي ايس سانحي جي ستين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ حنيد لاکاڻي جو چوڻ هو ته دنيا جي ان جنگ جي سڀ کان ڳري قيمت اسان جي فوج، سپاهين ۽ هٿين خالي شهرين ادا ڪئي آهي .

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هزارين جانين جي قرباني ڏني ۽ تمام گهڻا معاشي نقصان کنيا ، جيڪڏهن ڪوئي اسان تي الزام هڻي ٿو ته ان کي واضح ٿا ڪيون ته نقصانن جي باوجود اسان ملڪي علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پرعزم آهيون 16 ڊسمبر جو ڏينهن اسان کي ان ڪاري ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو، جنهن ڏينهن معصوم جانين جي شهادت جي واقعي پوري قوم ۾ غمزده ڪري ڇڏيو ۽ معصوم ٻارن جي شهادت قوم کي دهشتگردي خلاف هڪ ڪيو .

حنيد لاکاڻي چيو ته پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن دهشتگردي خلاف فيصلي  واري ويڙهه وڙهي آهي ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن ردالفساد ۽ آپريشن ضرب عضب جو ڪوئي مثال نه ٿو ملي .

اي پي ايس سانحي پشاور ۾ وڇڙي ويلن جي ياد سدائين اسان سان گڏ هوندي ، هن چيو ته اسان شهيدن کي خراج عقيدت ۽ انهن جي غمزده والدين سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔