بحريا ٽائون ڪيس: صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو ۽ ٻيا پيش

ڪراچي : ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بحريا ٽائون ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، رياض چانڊيو، سجاد چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران پوليس عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته قومپرست اڳواڻن خلاف ملڪ مخالف تقريرن تحت داخل ٿيل ايف آئي آر نمبر 157 کي اي ڪلاس ڪري ڇڏيو

اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪي به ثابتيون ناهن مليون ان ڪري ڪيس ختم ڪيو ويو آهي، ايف آئي آر نمبر 158 مان به 108 ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جا نالا خارج ڪرڻ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي

پوليس چيو ته ايف آئي آر نمبر 159 مان به 108 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن، باقي 45 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف چالان پيش ڪري انهن جو ڪيس هلايو ويندو، جڏهن ته فريادي ڌر بحريا ٽائون جو وڪيل پيش نه ٿيڻ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔