ايم ڪيو ايم پاڪستان هجي يا پي ايس پي سڀني جون پاڙون لنڊن واري ٽولي سان مليل آهن:نثارکهڙو

ڪراچي : پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هجي يا پي ايس پي انهن سڀني جون پاڙون اڃان به لنڊن واري سازشي ٽولي سان مليل آهن، لنڊن واري ته پاڪستان مرده آباد جا نعرا به هنيا، ان جي روحاني اولاد اسان کي حب الوطني جو ليڪچر نه ڏيئي

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته دهشتگرد ٽولو بانيان پاڪستان واريون ڪوڙيون دعوائون بند ڪري، پاڪستان جا باني سنڌ واسي آهن، جن سنڌ اسيمبلي مان سڀ کان پهريان قرارداد منظور ڪرائي

هن چيو ته ڪراچي ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت لسانيت کي ٻيهر هوا ڏني پئي وڃي پر ان سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو، رات جي اونداهي ۾  نفرتن وارا بينر  لڳائيندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙن وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي سازش بند ڪن

نثار احمد کهڙو  چيو ته ٻاهتر سال گذرڻ جي باوجود پاڻ کي مهاجر سڏائيندڙ  ايسٽ انڊيا مان آيلن مان سبق حاصل ڪن جيڪي پاڻ کي مهاجر نٿا سڏائين، جيڪي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جون ڳالهيون ٿا ڪن انهن ۾ جرئت آهي ته ڪڏهن لاهور ۾ ويٺل ڊيره غازي خان جي وزيراعلي بابت اهڙو بيان ڏئي ڏيکارين

هن چيو ته لسانيت وارو اهو تماشو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي، اسان کان روپئي روپئي جو حساب گهرندڙ ادارا ڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو دروازو کڙڪائي ڏسن، جنهن اربين روپين جا ڪم بنا ٽينڊر ڏنا هئا

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اردو آبادي هاڻي انهن سياسي مدارين کي سمجهي چڪي آهي جن تعصب واري سياست ۾ سندن ٽي نسل تباهه ڪيا، سنڌ سمورين ٻولين ۽ قوميتن کي روزگار ۽ ڇت ڏني آهي، احسان فراموش ئي ڌرتي ڌڻين سان تعصب واري سياست کيڏندا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔