مسجد حملو: پاڪستاني هيرو نعيم رشيد لاءِ نيوزيلينڊ جو اعلي ترين ايوارڊ

ڪراچي: ڪرائسٽ چرچ جي مسجد تي حملي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جان قربان ڪندڙ پاڪستاني هيرو نعيم رشيد کي نيوزيلينڊ جي اعليٰ ترين بهادري ايوارڊ ”نيوزيلينڊ ڪراس“ سان نوازيو ويو آهي

پرڏيهي ميڊيا موجب حملي آور سان مقابلي ۾ بچي ويل عبدالعزيز کي به نيوزيلينڊ جي ڪراس ايوارڊ به ڏنو ويو آهي

نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ان  حوالي سان چيو ته هي ايوارڊ وڪٽوريا ڪراس جي برابر سول ايوارڊ آهي جيڪو پهريان صرف ٻه ڀيرا نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو آهي

ڪرائسٽ چرچ حملي ۾ وڙهندڙ 8 وڌيڪ ماڻهن کي بهادري جا تمغا ڏنا ويا، جن ۾ ٻه پوليس اهلڪار به شامل هئا جن حملي آور کي گرفتار ڪيو

واضح رهي ته 2019 ۾ ڪرائسٽ چرچ جي مسجد تي دهشتگرد حملو ڪيو هو، جنهن کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي شهر ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ نعيم رشيد کان علاوه هن جو 22 ورهين جو پٽ طلحه نعيم ۽ 51 مسلمان شهيد ٿي ويا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔