اليڪشن ڪميشن مون تي ڏنڊ وڌو، وزيراعظم کي به ته سزا ٻڌائي: سعيد غني

اسلام آباد:صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته 10 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن جي طرفان نوٽيس مليو، جنهن ۾ اڄ طلب ڪيو ويو هو، پشاور ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر 10 ڊسمبر تي ئي مون مٿان 50 هزار ڏنڊ به وڌو هو

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڏنڊ جي فيصلي ۾ لکيو ويو ته 30 نومبر تي به نوٽيس ڏنو ويو هو، پر مون کي ڪو به نوٽيس نه مليو، اپيل ڪندس يا نه اهو فيصلو ڪرڻو آهي

هن چيو ته اڄ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي مون کي طلب ڪيو ويو هو، پبلڪ آفيس هولڊر چونڊ مهم نٿو هلائي سگهي، جلسي ۾ نه تقرير ڪئي ۽ نه ئي وري ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو ويو

سعيد غني چيو ته الڪيشن ڪميش وزيراعظم کي ڪي پي وڃڻ کان روڪيو پر هو ويو، عمران خان ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو، وفاقي ۽ صوبائي وزير به ساڻس گڏ هئا، منهنجي ڏوهه تي 50 هزار ڏنڊ آهي ته وزيراعظم کي موت يا عمر قيد ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم جو ڏوهه ته مون کان سنگين آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔