ويسٽ انڊيز جي وڌيڪ ٽن رانديگرن ۾ ڪورونا جي تصديق

ڪراچي: پاڪستان ۾ موجود ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ اسڪواڊ جي وڌيڪ 5 ميمبرن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ دوري جون وڌيڪ ميچون ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ موجب وڌيڪ 3 رانديگرن ۽ 2 سپورٽرز ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، ڪورونا متاثر ڪرڪيٽرز ۾ شائي هوپس، عقيل حسين ۽ جسٽن گريوز شامل آهن، اهي ٽئين ڪرڪيٽر باقي ميچون نه کيڏندا ۽ پنجئي ڄڻا آئسوليشن ۾ آهن

پاڪستان جي دوري تي آيل 6 رانديگر ڪورونا سبب هن وقت تائين ٽور کان ٻاهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڊيون ٿامس زخمي ٿيڻ سبب هو اڳ ۾ ئي ٽي 20 مان ٻاهر ٿي ويو آهي

ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز ۽ پي سي بي اختياريون اڄ سمورن رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ کانپوءِ دورو جاري رکڻ بابت اجلاس ۾ فيصلو ڪندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔