اي پي ايس سانحو اهڙو زخم آهي جنهن مان اڄ به رت وهي پيو: آصف زرداري

اسلام آباد : اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اي پي ايس سانحو اهڙو زخم آهي جنهن مان اڄ به رت وهي رهيو آهي

اي پي ايس سانحي جي ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري مطالبو ڪيو ته بيگناهه شهيدن جي قاتلن، سازش ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، قاتلن کي سزا ملڻ تائين قوم بيگناهه شهيدن جي مقروض رهندي

هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان دهشتگردن جي خاتمي جو واعدو هو، افسوس قوم سان ڪيل واعدي تي مڪمل عمل نه ٿيو

هن چيو ته رياست کي بيگناهه ماڻهن جي قاتلن کي معافي ڏيڻ جو ڪو به حق ناهي، دهشتگردن سان ڳالهيون رياست کي ڪمزور ڪرڻ ۽ شرمسار ڪرڻ جي برابر آهي

اڳوڻي صدر چيو ته پاڪ فوج جي بهادر پٽن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ملڪ جي خاطر جانيون قربان ڪيون، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي بهادر آفيسرن کي به سلام پيش ڪريان ٿو

هن چيو ته دهشتگرد ڪنهن به صورت ۾ معافي جا مستحق نه آهن، جيڪڏهن موقعو مليو ته دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي کين عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ۽ ملڪ مان دهشتگردن جو صفايو ڪيو ويندو جيئن سوات ۾ ڪيو ويو هو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔