ٽانڪ ۾ ڪار تي فائرنگ، هڪ ئي خاندان جا چار ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي: خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي شهر ٽانڪ ۾ ڪار تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ ٻار سميت هڪ ئي خاندان جا چار ڄڻا مارجي ويا آهن

پوليس موجب واقعو وانا روڊ تي پيش آيو، فوتين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، مارجي ويلن ۾ هڪ ٻار، 2 عورتون ۽ هڪ مرد شامل آهن، چئن ڄڻن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔