تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون جنوري ۾ ڪرڻ تي اتفاق

ڪراچي: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشنز ڪنٽرول (اين سي او سي) تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون جنوري ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي

اسلام آباد ۾ تعليمي ادارن ۾ سياري جي موڪلن بابت اين سي او سي جو اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون جنوري ۾ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي تعليم واري وزيرن جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي سفارشن موجب سياري جون موڪلون اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو

ذريعن جو چوڻ آهي ته موڪلن جي تاريخ مقرر ڪرڻ واري معاملي تي بحث ڪيو ويو۽ اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته تعليمي ادارن ۾ ويڪسينيشن جو عمل به جاري رهندو

ياد رهي ته گذريل ڏينهن تعليم جي صوبائي وزيرن جي اجلاس ۾ سياري جون موڪلون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو پر موڪلن ۾ واڌ جو فيصلو اين سي او سي تي ڇڏيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔