نئين آءِ جي اسلام آباد سموري ٽيم تبديل ڪرائي ڇڏي

ڪراچي: اسلام آباد پوليس جي نئين انسپيڪٽر جنرل (آءِ جي) محمد احسن يونس پنهنجي سموري ٽيم تبديل ڪرائي ڇڏي، نئين ٽيم لاءِ ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ايس پي عهدي جا 11 آفيسرز تبديل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پنجاب مان 9 آفيسرز اسلام آباد ۾ مقرر ڪيا ويا آهن

گريڊ 20 جي آفيسر محمد سليم کي بدلي ڪري نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گريڊ 20 جي آفيسر وقار الدين سيد جون خدمتون گلگت بلتستان حڪومت حوالي ڪيون ويون آهن

ٻئي طرف گلگت بلتستان ۾ مقرر 20 گريڊ جي آفيسر اويس احمد ۽ پنجاب حڪومت جي 20 گريڊ جي آفيسر جهانزيب نذير خان کي بدلي ڪري اسلام آباد پوليس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي

ٻئي پاسي گلگت بلتسان ۾ مقرر 20 گريڊ جيآفيسر اويس احمد ۽ پنجاب حڪومت ۾ مقرر گريڊ 20 جي آفيسر جهانزيب نذير خان کي تبديل ڪري اسلام آباد پوليس ۾ مقرر ڪيو ويو آهي

ان کان علاوه پوليس گريڊ 19 جي 5 آفيسرن کي به تبديل ڪيو ويو آهي، فلائٽ ليفٽيننت (ر) فرخ رشيد کي تبديل ڪري گلگلت بلتستان موڪليو ويو آهي جڏهن ته محمد سليمان جون خدمتون ڪي پي حڪومت جي حوالي ڪيون ويون، سرفراز خان ورڪ کي اسٽيبلشمنٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته عرفان طارق جون خدمتون به ڪي پي حڪومت جي حوالي ڪيون ويو آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔