ڪراچي ۾ قتل ٿيل سماج سڌارڪ ناري جي وارثن طرفان قانوني ڪارروائي کان انڪار

ڪراچي: ڪراچي ۾ قتل ٿيل سماج سڌارڪ ناري جي وارثن طرفان قانوني ڪارروائي کان انڪار، پوليس سرڪار جي مدعيت ۾ صبا اسلم قتل واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي

بلال ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ناري صبا کي سندس پاڙيسري غضنفر ڇريون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، لاش پوسٽ مارٽم بعد مقتولڻ جي ڀاءُ حوالي ڪيو ويو هو، پوليس ناري جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي اڃا گرفتار نه ڪيو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔