برطرف ڪيل ملازم بحال ٿيندا يا نه؟، فيصلو سڀاڻي ٿيندو

اسلام آباد: اٽارني جنرل برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ حڪومتي تجويزون سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيون، تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ کان 7 گريڊ جي ملازمن کي بحال ڪيو ويندو ۽ گريڊ 8 کان 17 تائين جي ملازمن کي پبلڪ سروس ٽيسٽ مان گذرڻو پوند، ٽيسٽ پاس ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪيو ويندو

سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اٽارني حڪومت جون تجويزون پيش ڪيون جنهن ۾ چيو ويو ته ملازمن کي ماضي جي سروس ايڍاڪ تصور هوندي، جيڪي ملازم رٽائر ٿي ويا لاڏاڻو ڪري ويا انهن جا مامرا ماضي جو حصو تصور ڪيو ويندو

تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته فوت ٿي ويل ملازم ۽ انهن جا وارث پينشن جا حقدار نه هوندا، برطرف ٿيندڙ ملازم جڏهن چاهين عدالت سان رابطو ڪري سگهن ٿا، عدالت قانون جي موجب ڪارروائي ڪري سگهي ٿي

اٽارني جنرل چيو ته وزيراعظم برطرف سرڪاري ملازمن بابت ٽي هدايتون ڏنيون آهن، وزيراعظم چيو ته گريڊ هڪ کان 7 جي ملازمن کي بحال ڪيو ويندو، 8 کان 17 گريڊ جي ملازمن کي ايف پي ايس سي ٽيسٽ ورتو ويندو

اٽارني جنرل چيو ته عدالت ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏنو هو جنهن سان متاثر ملازمن جو تعداد 5 هزار 947 آهي، وزيراعظم تجويز ڏني ته برطرف ڪيل ملازم لاڳاپيل عدالتن سان رابطو ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم گريڊ هڪ کان 7 جي ملازمن کي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جيڪي ملازم ٽيسٽ پاس ڪرڻ کانپوءِ مستقل ٿيندا انهن جي پينشن جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو، اٽارني جنرل جي تجويزن بعد سپريم ڪورٽ چيو ته ڪيس سڀاڻي اڪلايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔