متحده وارا ڪراچي کي ٻيهر گن پوائنٽ تي هاءِ جيڪ ڪرڻ گهرن ٿا:سعيد غني

ڪراچي: صوبائي وزير سعيد غني چيو آھي تھ متحده پاڪستان وارا ڪراچي کي ٻيهر گن پوائنٽ تي هاءِ جيڪ ڪرڻ گهرن ٿا، اهي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جي خوف کان ڪراچي کي تباهي ڏانهن وٺي وڃن گهرن ٿا

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو تھ متحده ڪراچي جي خيرخواهه نه آهي، هاڻي کين ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪرڻ نه ڏينداسين، بلدياتي ايڪٽ خلاف احتجاج، جلسا ۽ تنقيد ڪرڻ سڀني جو حق آهي، اُن جي بهاني سان لساني فسادن جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو، متحده وارن ماضي ۾ ڪراچي اندر بدمعاشي ۽ بليڪ ميلنگ ڪئي، هاڻي به سياسي دڪان هلائڻ لاءِ ڪراچي ۾ رتوڇاڻ چاهين ٿا، ڪراچي ۾ تباهي جي ذميوار متحده کي پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔