ڀارت ۾ تباهه ٿيل فوجي هيليڪاپٽر جو ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊ ملي ويو

ڪراچي: ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ گذريل ڏينهن ڪري تباهه ٿيل چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر جو ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊ ملي ويو آهي

ڀارتي خابرو اداري اي اين آءِ موجب تامل ناڊو ۾ ڪري تباهه ٿيندڙ فوجي هيلي ڪاپٽر جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تباهه ٿيل هيلي ڪاپٽر جو فلائيٽ ڊيٽا رڪارڊر ۽ ڪاڪ پٽ وائس رڪارڊر هٿ ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته گذريل ڏينهن تامل ناڊو ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ ڀارتي فوج جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت سندس گهرواري مدھولڪا راوت ۽ 11 اهلڪارن سميت مارجي ويو هو جڏهن ته حادثي ۾ هڪ ڄڻو معجزاڻي طور بچي ويو هو جنهن جو علاج ڪيو پيو وڃي

ڀارتي هوائي فوج هيلي ڪاپٽر حادثي جي فوري جاچ شروع ڪندي واقعي واري هنڌ کي سيل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه به وزيراعظم نريندر مودي کي واقعي تي بريفنگ ڏني هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔