ڪراچي ۾ کير وڪرو ڪندڙن سرڪاري اگهه ٿڏي ڇڏيا

ڪراچي: ڪراچي ۾ کير جو سرڪاري اگهه مقرر ڪيو ويو آهي پر پوءِ به کير وڪرو ڪندڙن سرڪاري اگهه ٿڏي ڇڏيا، جنهن ڪري شهري وڌيڪ اگهه تي کير وٺڻ تي مجبور آهن

ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ کير جي نئين قيمت جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ڪمشنر ڪراچي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب کير جي نئين قيمت 120 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب ڊيري فارمرز لاءِ کير جو اگهه 105 رپيا ۽ هول سيل 110 رپيا في ليٽر هوندو

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته کير جي قيمتن جو هر ٽن مهينن بعد جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته سرڪاري اگهه جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کير وارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي

ٻئي طرف کير جا سرڪاري اگهه مقرر ٿيڻ باوجود سڄي شهر ۾ کير 140 رپيا في ليٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔