بلوچستان ۾ ماڻهن جو قتل عام، وڌيڪ 7 لاش هٿ

ڪراچي: پنجگور ضلعي سميت بلوچستان جي مختلف علائقن مان 7 لاش هٿ ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ ٻن ڏينهن ۾ هٿ آيل لاشن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو آهي

ليويز اهلڪارن موجب بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي علائقي هني تل مان 5 ڄڻن جا لاش مليا آهن جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جڏهن ته سندن گاڏي کي به باهه ڏني وئي آهي، مارجي ويل پنجئي ڄڻا پنجگور جا رهواسي هئا

هوڏانهن بولان ضلعي جي علائقي ڪولپور ويجهو پل جي هيٺان عبدالسلام نالي هڪ شخص جو لاش هٿ آيو آهي، مارجي ويل پشتون جو تعلق ڪوئيٽا سان ٻڌايو پيو وڃي

ضلعص موسيٰ خيل جي تعلقي ڪنگري کھجوري واري علائقي مان ليويز کي 2 گوليون لڳل هڪ نوجوان جو لاش هٿ آيو، لاش جي سڃاڻپ لاءِ موسيٰ خيل اسپتال منتقل ڪيو ويو

گذريل ڏينهن ڪيچ ضلعي جي تعلقي منڊ جي جبل واري علائقي پيرڪور شمع مان به ٽن ڄڻن جا لاش هٿ آيا هئا جن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔