مٺي ۾ ارباب غلام رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف ڌرڻو جاري

مٺي: مٺي ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون ارباب غلام رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آھي

ڦانگاريو اسٽاپ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ڌرڻي سبب گاڏين جي اچ وڃ معطل بڻيل آھي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ پوليس عوام جي تحفظ بدران ڪمداري جو ڪم ڪري رهي آهي، ٿر واسين کي نڌڻڪو نه سمجهيو وڃي، ايس ايس پي ٿرپارڪر تبديل ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔