ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ ڪراچي پهچي وئي آهي، ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انتظاميا جا عملدار دبئي کان پاڪستان پهچي ويا، جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن سندن آجيان ڪئي

ڪراچي ايئرپورٽ تي ويسٽ انڊين رانديگرن جا پي سي آر ٽيسٽ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا رانديگر ڪورونا جو نتيجو منفي اچڻ تائين هوٽل ۾ قرنطينه ۾ رهندا

ياد رهي ته ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز کيڏندي جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 13 ڊسمبر تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندي، هن کان اڳ 2018 ۾ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم به پاڪستان جو دورو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔