ڪراچي: 65 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس وارن شاگردن کي داخلا ڏيندڙ ادارن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي:پي ايم سي

ڪراچي: پي ايم سي 65 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس کڻندڙ شاگردن کي ميڊيڪل ادارن ۾ داخلا ڏيڻ واري سنڌ سرڪار جي اعلان کي رد ڪندي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آھي، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن طرفان 65 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس وارن شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آھن

پي ايم سي وارننگ ڏني آهي ته 65 سيڪڙو کان گهٽ مارڪس وارن شاگردن کي داخلا ڏيندڙ ادارن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب رڳو پي ايم سي جي طريقيڪار تحت داخلائون ڏئي سگهجن ٿيون، ايم ڊي ڪيٽ لاءِ پاسنگ مارڪس جي شرح رڳو پي ايم سي طئه ڪندي آهي، طريقڪيار جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڪاليجز خلاف ايڪشن کنيو ويندو، هن سال ايم ڊي ڪيٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پاسنگ مارڪس 65 سيڪڙو يا 137 نمبرز آهن، 65 سيڪڙو مارڪس نه کڻندڙ شاگردن کي رجسٽر نه ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔