سنڌ ۾ غيرقانوني اڏاوتن کي ريگيولرائيز ڪرائڻ جو آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي: سنڌ ۾ غيرقانوني اڏاوتن کي ريگيولرائيز ڪرائڻ جو آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواستگذار محمود اختر نقوي موقف اختيار ڪيو آهي ته غيرقانوني اڏاوتن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن اُبتڙ بل تيار ڪيو ويو آهي، سمري تي صحيح ڪندڙ مرتضيٰ وهاب عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي جو ذميوار آهي.
درخواستگذار وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ داخل درخواست ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرز کي به ڌُر بڻايو ويو، عدالت کي اسيمبلي ۾ پيش ٿيل بل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔