عليزا آرڪيڊ جي چوٿين ماڙ ڊاهي رپورٽ ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گلشن اقبال جي عليزا آرڪيڊ جي چوٿين منزل ڊاهي پٽ نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس ظفر راجپوت چيو ته غير قانوني اڏاوتن سڄي شهر کي تباهي جي ڪناري تي آڻي ڇڏيو آهي

گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 4.1 شدت جو زلزلو آيو ته ڪراچي لڏي ويو جيڪڏهن 6.2 شدت جو زلزلو آيو ته تباهي ٿيندي. عدالت عليزا آرڪيڊ جي چوٿين منزل کي ڊاهي 13 جنوري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت پاران بلڊر ۽ ايس بي سي اي آفيسرن خلاف ڪرمنل ايڪشن رپورٽ طلب ڪندي ميپ آرڪيٽيڪٽ جو لائسنس به رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔