پريا ڪماري بازياب نه ٿي، آءِ جي سنڌ ٻيو ڀيرو عدالت ۾ پيش

ڪراچي: سکر مان گم ٿيل پريا ڪماري جي بازيابي نه ٿيڻ تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر هڪ ڀيرو ٻيهر چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيمبر ۾ پيش ٿيو

ان کان اڳ چيف جسٽس ايس ايس پي سکر جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو هو، آءِ جي سنڌ پوليس اڄ ٻيو ڀيرو چيف جسٽس آڏو پيش ٿيو

آءِ جي سنڌ چيف جسٽس کي خاطري ڪرائي ته هو پريا ڪماري جي بازيابي جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي ۽ جلد نينگري کي بازياب ڪرايو ويندو

واضح رهي ته سکر مان گم ٿيل 7 ورهين جي پريا ڪماري پنج مهينا گذرڻ باوجود اڃا بازياب نه ٿي سگهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔