پوليس آفيسر بنا اجازت جي چارج ڇڏي هليا ويا، خبر ئي نه پئي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته آفيسرن جي حوالي سان وزير اعظم مون سان ڳالهائي، اها انا جي ڳالھه ناهي، صوبي جي ڪم کي هلائڻ ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ مان آفيسر رليو ٿيڻ کان سواءِ ويا آهن، وفاقي حڪومت کي لکندا سين ته ڪارروائي ڪريو، پوليس آفيسر بنا اجازت جي چارج ڇڏي هليا ويا مون کي خبر ئي نه پئي. وفاقي حڪومت غلط طريقي سان آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪيا، ڌمڪيون ڏئي اسان کي نٿا ڊيڄاري سگهو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔