حڪومت پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني جي اپيل ڪندي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت پي ڊي ايم کي لانگ مارچ جي تاريخ تي نظرثاني جي اپيل ڪندي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي آھي، ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 4 مهينا اڳ يومِ پاڪستان تي لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ويو آهي

مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف کي چوان ٿو ته لانگ مارچ وارو مامرو يومِ پاڪستان کان 15 ڏينهن اڳ يا هفتو پوءِ کڻي وڃن، ڪابه نگران حڪومت نٿي اچي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شيخ رشيد چيو تھ اپوزيشن وارا عقل جا انڌا آهن، لانگ مارچ ۾ اڃا چار مهينا آهن، ڪو نه ڪو دڳ نڪري ايندو، پي ڊي ايم سان ٽن مهينن بعد ڳالهيون ڪنداسين، جاتي امراء جو سموري خاندان جو ٽئلينٽ گلوڪاري ۾ وڌيڪ آهي، ڇا فضل الرحمان درس جي شاگردن کي اُنهن سان گڏ کڻي ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔