گورنر لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي اعتراض ڪندي واپس موڪلي ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ جي مسودي تي اعتراض لڳائي واپس موڪلي ڇڏيو آهي

ذريعن موجب گورنر سنڌ اعتراض اٿاريو آهي ته ميئر جي چونڊ شو آف هينڊز ذريعي ڪئي ويندي آهي، نئين لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ تحت ميئر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي ته هارس ٽريڊنگ ۾ اضافو ٿيندو، نئين نظام تحت ڪير به اليڪشن وڙهڻ کانسواءِ ميئر جي چونڊ ٿي سگهي ٿي

سنڌ جي گورنر چيو آهي ته ڪي ايم سي وٽ جيڪي اسپتالون هيون اهي واپس ورتيون ويون آهن، ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي وٽ جيڪو به ڀڳل ٽٽل ٽئڪس جو نظام هو اهو به واپس ورتو ويو، ان نظام ۾ هڪ شق اها به آهي ته هي نوٽيفڪيشن ذريعي تبديل يا ختم به ڪري سگهجي ٿو، گورنر عمران اسماعيل لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ تي ٻيهر غور ويچار ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي موڪلي ڇڏيو آهي

ياد رهي ته لوڪل گورنمينٽ ترميمي ايڪٽ 2021ع 26 نومبر تي سنڌ اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو هو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔