ڪراچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 14 ورهين جو شاگرد مارجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون پوڻا 5 نمبر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 14 ورهين جو شاگرد مارجي ويو، جنهن بعد وارثن پاران احتجاج ڪرڻ تي ايس ايڇ او اورنگي کي معطل ڪري فائرنگ ڪندڙ اهلڪار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي

شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شاگرد جي وارثن جو چوڻ آهي ته ارسلان وٽان ڪو به هٿيار ناهي مليو ۽ پوليس ارسلان کي جعلي مقابلي ۾ ماريو آهي

ان کان اڳ پوليس اختيارين دعويٰ ڪئي هئي ته موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن کي روڪڻ جو اشارو ڪيو پر هو نه بيٺا، جنهن دوران مبينا مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ ٻيو فرار ٿي ويو پر پوليس جو شروعاتي بيان ڊي آءِ جي ويسٽ پاڻ رد ڪيو

ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جو چوڻ هو ته شڪي مقابلو چيڪ پوسٽ تي نه پر ان کان ڪجهه فاصلي تي ٿيو ۽ مقابلو ڪرڻ وارو پوليس اهلڪار وردي ۾ نه پر سادن ڪپڙن ۾ هو، شڪي مقابلي کانپوءِ ايس ايڇ او اورنگي کي معطل ڪري فائرنگ ڪندڙ اهلڪار توحيد کي حراست ۾ ورتو ويو آهي

ڊي آءِ جي ويسٽ موجب ايس ايس پي سينٽرل، ايس ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل ۽ ايس پي گلبرگ تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪندي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪئي ويندي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔