نيب ترميمي آرڊيننس ذريعي حڪومت پاڻ کي اين آراو ڏنو،آئيني نظام ۾ مداخلت سبب معيشت تباهه ٿي: شاهد خاقان

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو. عوام پريشانين جو شڪار آهي.
نظام جي اندر مداخلت سبب اهي ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. آئيني نظام ۾ مداخلت ختم ٿيڻ تائين ملڪ نٿو هلي سگهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نيب چيئرمين نه اڳ ۾ فيصلو ڪري سگهيو ٿي نه هاڻ. نيب ترميمي آرڊيننس سان حڪومت پاڻ کي اين آر او ڏنو. موجوده حڪومت جي هر کاتي ۾ اسڪينڊل موجود آهي. اسان کي اڄ تائين اها خبر ناهي پئجي سگهي ته اسان جو ڏوهه ڪهڙو آهي. نيب چيئرمين اسان کي پنهنجو ڏوهه ته ٻڌائي.
شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ جي معيشت تباهه ڪئي وئي آهي. ملڪ ۾ کنڊ، اٽي جا اسڪينڊلز آهن. هن چيو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ جيڪو ڪيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ فون ڪري ميمبرن کي گهرايو ويو. هن حڪومت جي ڳڻپ به ڪمزور آهي. ملڪ ۾ چونڊون چوري ڪيون ويون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔