سيالڪوٽ واقعو: پوليس فيڪٽري جي سمورن سپروائيزرز کي آزاد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سيالڪوٽ سانحي کانپوءِ حراست ۾ ورتل فيڪٽري جي سمورن سپروائيزرن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته فيڪٽري جي سپروائيزر کي 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهن کان مختلف رخن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته فيڪٽري مالڪ جي خاطري تي سمورن سپروائيزرن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ ضرورت پوڻ تي کين ٻيهر طلب ڪيو ويندو

پوليس موجب سريلنڪن شهري جي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عابد جي ڳولا جاري آهي، عابد به فيڪٽري ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪري ٿو، وڊيوز ۾ عابد به پريانٿا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي ٿو ۽ هجوم ۾ عابد ماڻهن کي هٿ ٻڌندي نظر اچي رهيو آهي

پوليس موجب سيالڪوٽ سانحي جي ٻين جوابدارن کي موبائل ڊيٽا ۽ وڊيوز جي مدد سان جلد گرفتار ڪيو ويندو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔