ڪراچي ۾ جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ڇاپو، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

ڪراچي: ڪراچي جي جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جي ڇاپي دوران وڏي انگ ۾ اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو، جنهن دوران واپارين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو

پوليس موجب ڪسٽمز انٽيليجنس جي اهلڪارن ايم اي جناح روڊ تي ڪپڙي جي اسمگلنگ جي اطلاع تي مارڪيٽ ۾ ڇاپو هنيو ته واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي وئي جنهن بعد  علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

ايس ايس پي ڏکڻ موجب ڪسٽمز اختيارين اسمگلنگ جي مال جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ۽ ڇاپي جو اطلاع لاڳاپيل ٿاڻي کي به ڏنو ويو، ڇاپي جو اطلاع ملندي ئي واپاري موقعي تي پهچي ويا ۽ پوليس ۽ ڪسٽمز سان مزاحمت ڪئي

واپاري مظاهرين جو چوڻ هو ته فائرنگ ۾ 4 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، 10 کان وڌيڪ دڪانن جو مال به پوليس ۽ ڪسٽمز اختياريون کڻي ويا آهن، سمورو مال قانوني هو جنهن جا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪنداسين

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔