سيالڪوٽ واقعو: پريانٿا تي تشدد ۽ لاش جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي: سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري جي قتل واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جنهن ۾ پوليس تشدد ۽ لاش ساڙڻ ۾ ملوث انتهائي گهربل جوابدار امتياز عرف ٻلي کي گرفتار ڪري ورتو

پنجاب پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار امتياز عرف ٻلي سريلنڪن مئنيجر تي تشدد ۽ لاش جي بي حرمتي ۾ ملوث هو ۽ هن کي راولپنڊي ويندڙ بس مان گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ موبائيل ڪالز جي ڊيٽا جي مدد سان وڌيڪ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن بعد حراست ۾ ورتل شڪي ماڻهن جو انگ 131 ٿي ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ۾ 26 جوابدارن جو مرڪزي ڪردار سامهون آيو آهي، گذريل ڏينهن به پوليس واقعي ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ 7 ڄڻن کي گرفتار پڻ ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔