ڪراچي ۾ پهرين ڊرائيو ان سئنيما جو افتتاح

ڪرچي(م ڊ) ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) پاران ڪراچي جي شهرين لاءِ ڊرائيو ان سئنيما جو افتتاح ڪيو ويو آهي، سامونڊي هنڌ، کليل هوا، وڏي اسڪرين فلمون ۽ لذيذ کاڌو، اهي سڀ ڪراچي جا ماڻهو هاڻي بيچ ويو پارڪ ڀرسان سن سيٽ سينما ۾ ماڻي سگهندا

ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سن سيٽ سئنيما جو افتتاح ڪندي چيو ته اوپن ايئر سئنيما ۾ هڪ گاڏي جو ٽڪيٽ 1000 روپيا رکيو ويو آهي، سئنيما ۾ شام ساڍي 6 وڳي کان رات هڪ وڳي تائين ٽي شو هلندا ۽ هال ۾ هڪ ئي وقت ڏيڍ سئو گاڏيون اچي سگهن ٿيون

سن سيٽ سئنيما جي افتتاحي تقريب ۾ شهري پنهنجي فيملي سان گڏ آيا ۽ وڏي اسڪرين ڏسڻ لاءِ مفت ٽڪيٽن جو فائدو ورتو، شهري فلمن سان گڏوگڏ فوڊ ڪورٽ ۾ موجود لذيذ کاڌن جا مزا به ماڻيا ۽ سيلفيون ٺاهيون

واضح رهي ته هن کان اڳ ڊسمبر 2020 ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي پهرين ڊرائيو ان سئنيما جو افتتاح گهرو وزير شيخ رشيد ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔