سيد نازڻ پير لاڏاڻو ڪري ويو، ڀٽ شاهه شهر سوڳ ۾ مڪمل بند

ڀٽ شاهه(ن پ ا) معزز شخصيت ۽ گادي نشين جي وڏي چاچي سيد نازڻ شاهه جي لاڏاڻي تي ڀٽ شاهه شهر سوڳ ۾ مڪمل بند ٿي ويو، شهرين ۽ مريدن ۾ سوڳ جي لهرڇائنجي وئي آهي

پيرآف ڀٽ شاهه سيد مظهر علي شاهه المعروف سيد نازڻ سائين گهڻي عرصي کان بيمار هو، جيڪو رات دير سان حيدرآباد جي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ ڀٽائي جي مزار آڏو ادا ڪرڻ بعد درگاهه جي احاطي ۾ تدفين ڪئي ويندي

مختلف علائقن مان مريدن ۽ عقيدتمندن پاران سيد نازڻ سائين جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آمد جو سلسلو جاري آهي، درگاهه جو گادي نشين سيد وقار حسين شاهه آمريڪا ۾ ھئڻ ڪري آخري رسمن ۾ شريڪ ٿي نه سگهندو

صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، ايم پي اي ڄام شبيرعلي خان، سردار رحيم بخش بوزدار، سيد جاني شاهه، نصيراحمد ميمڻ سميت مختلف شخصيتن طرفان نازڻ سائين جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهارڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔