عالمي نمبر 3 باڪسر کي شڪست ڏيڻ بعد محمد وسيم جو رقص

ڪراچي: پاڪستاني باڪسر محمد وسيم ڪولمبيا جي عالمي نمبر 3 باڪسر کي شڪست ڏئي رنگ ۾ رقص ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي

محمد وسيم ڪالهه دبئي ۾ ڪولمبين باڪسر بريرا کي شڪست ڏئي ڊبليو بي سي سلور فلائي ويٽ ٽائيٽل کٽي ورتو، جنهن بعد هن پاڪستاني قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو ٻه ڀيرا ڊبليو بي سي سلور چيمپيئن بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪرڻ تي فخر آهي

هن چيو ته ڪولمبيا جي فائٽر سان ڏاڍي ڏکي ويڙهه هئي، ورلڊ ٽائيٽل لاءِ ڪواليفائي ڪري تمام گهڻو خوش آهيان، پاڪستان جو نالو روشن ڪندو رهندس

ٻئي طرف ڊبليو بي سي سلور چيمپيئن بڻجڻ کانپوءِ محمد وسيم جي رنگ ۾ رقص ڪرڻ جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي، وڊيو ۾ محمد وسيم جي چهري تي زخم به واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔