اڪشي ڪمار، جيڪولين فرنينڊس جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

ممبئي: ڀارتي اداڪارا جيڪولين فرنينڊس عورتن کي وار گهُنڊي ڪرڻ جو دلچسپ طريقو ٻڌايو آهي.

باليووڊ جو کلاڙي اڪشي ڪمار اڪثر ڪري ۽ گهڻي ساٿي اداڪارن جون مزاحيا وڊيو ٺاهي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪندو رهندو آهي جنهن مان واهپيدار گهڻو لطف اندوز ٿيندا آهن ۽ هاڻي به هن اهڙو ئي ڪجهه ڪيو آهي.

اڪشي ڪمار جيڪولين فرنينڊس جي هڪ وڊيو شئير ڪئي جنهن ۾ هوءَ هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺي وارن کي گهُنڊي گهُنڊي ڪندي نظر اچي رهي آهي.

اداڪار وڊيو جي ڪيپشن ۾ عورتن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سڀني جي لاءِ هي هڪ جڳاڙ آهي جيڪو جيڪولين جڳاڙ طرفان پيش ڪيو ويو آهي، هيءَ وڊيو ڏسو ۽ سِکو ڪهڙي نموني هيليڪاپٽر ۾ويهي هوا ۾ وارن کي گهُنڊي گهُنڊي ڪري سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔