آدم شماري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا، حڪومت کي ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين،بلاول

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي ته زبردستي قانون پاس ڪرائڻ خلاف عدالت وينداسين، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف احتجاج ڪنداسين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ اپوزيشن جا اعتراض ختم ڪرڻ بنا چونڊ سڌارا آندا ويا ته هاڻ کان ئي چونڊن کي نٿا مڃون، اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارن جي بلز کي مڃينداسين

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ اسپيڪر پنهنجي عهدي جو مانُ رکي ۽ بلز بلڊوز ٿيڻ جو حصو نه بڻجي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙي جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت کي ڪهڙي تڪڙ آهي، سڀ گڏجي قانونسازي ڪنداسين ته ايندڙ چونڊون تڪراري نه ٿينديون

ھن چيو تھ حڪومت آءِ ايم ايف جي غلامي ڪندي عوام جي کيسن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي، آدم شماري ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويا، اسان حڪومت کي اهڙا ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔