خاڪو ٺاهي رضوان کي ڀيٽا، ڪرڪيٽر پاران به ساراهه، محبت جو اظهار

ڪراچي: پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر ۽ اوپننگ بيٽسمين محمد رضوان کي هڪ ننڍي عمر ڇوڪرو هن جو خاڪو ٺاهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي جيڪو رضوان کي بيحد متاثر ڪيو، محمد رضوان پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڇوڪري جي ٺاهيل تصوير شيئر ڪئي ۽ سندس فن جي به ساراهه ڪئي

قومي ڪرڪيٽر پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته فرحان علي ناقابل يقين آهي، توهان جي پيار ۽ سهڪار جي تمام گهڻي مهرباني، توهان گلگت بلتستان جا فخر آهيو، محمد رضوان وڌيڪ لکيو ته مون کي پورو يقين آهي ته ٻار ئي اسان جي ملڪ جو اصل اثاثو آهن، ٻار ئي پاڪستان کي مضبوط ڪندا، توهان کي جنهن ڪم سان پيار آهي ان ڪم کي جاري رکو

محمد رضوان جو اسڪيچ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پيجز تي وائرل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ صارفين ڇوڪري جي ڪوششن ۽ ڪرڪيٽر سان پيار جي واکاڻ ڪندي کيس فن جاري رکڻ جي تلقين ڪئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔