ڪراچي ۾ ليڊي ڊاڪٽر سوڌو ٻن عورتن سان مبينا زيادتي

ڪراچي(م ڊ) ڪراچي جي فريئر پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ليڊي ڊاڪٽر سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊاڪٽر سان زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪري هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ايف آءِ آر موجب عورت کي 14 نومبر تي سندس دوست ياسر کڻي پنهنجي فليٽ ۾ وٺي ويو ۽ زيادتي ڪئي، مزاحمت تي عورت کي هٿ ۽ جسم تي زخم پڻ آيا

پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر ليڊي ڊاڪٽر جي طبي معائني کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي، ٻئي طرف بن قاسم ٽائون ۾ به پوليس عورت سان زيادتي جي الزام هيٺ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔