شهناز گِل ”حوصلا رَک“ جي پروموشن دوران سڏڪا ڀري روئي ڏنو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)شهناز گِل پنهنجي نئين فلم حوصلا رک جي پروموشن دوران روئي ڏنو.

ناليواري ڀارتي ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 کان مشهور ٿيندڙ شهناز گل اداڪار دلجيت دوسانجهه ۽ اداڪارا سونم باجوا سان پنهنجي فلم حوصلا رک جي پروموشن ۾ مصروف هئي ته صحافي جي سوال تي جذباتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب صحافي شهناز گِل کي چيو ته جيڪڏهن سڌارت شڪلا جيئرو هجي ها ته توهان جي فلم ڏسي ها، سڌارت کي توهان تي ڏاڍو فخر ٿئي ها، صحافي جي اهڙي ڳالهه ٻڌي شهناز سڏڪا ڀري روئي ڏنو جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي.

ان پروموشن دوران هڪ ٻئي وڏيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ شهناز شهناز جي اکين ۾ ڏک ۽ صدمي جي ڪيفيت ڏسي سگهجي ٿي.

وڊيو ۾ دلجيت دوسانجهه اداڪارا کي چئي رهيو هو ته حوصلو رکو، ڪهڙي به قسم جي ڪا به صورتحال سامهون اچي ته توهان کي حوصلو رکڻو پوندو تڏهن توهان لاءِ سولائي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔