موجوده حڪومت دوران پاڪستان جي قرضن ۾ سورنهن هزار ارب روپين جو اضافو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت ٻڌايو آهي ته موجوده حڪومت جي 3 سالن دوران پاڪستان جي ٽوٽل قرضن ۾ 16 هزار ارب روپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب روپيه ادا ڪري چڪي آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سوالن جي وقفي دوران گذريل 3 سالن ۾ وياج جي ادائيگين جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويا.
ناڻي واري وزارت ٻڌايو ته حڪومت قرضن تي وياج ادائيگي جي مد ۾ 7 هزار 460 ارب روپيه ادا ڪري ڪي آهي. ٽن سالن دوران سرڪاري قرضن ۾ 14 هزار 906 ارب جو اضافو ٿيو ۽ وياج جي مد ۾ 50 سيڪڙو ادائيگي ڪئي وئي. ناڻي واري وزارت لکت واري جواب ۾ چيو آهي ته سرڪاري قرضن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي.
سال 2020-21 ۾ ڊيٽ ٽو جي ڊي پي جي شرح 4 سيڪڙو گهٽ ٿي ۽ هلندڙ مالي سال هن شرح ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي.

  • شيئر

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔