گهريلو صارفين کي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گئس جي فراهمي يقيني بنائي وڃي: حماد اظهر

اسلام آباد: حماد اظهر گهريلو صارفين کي هفتي ۾ صرف 3 ڏينهن گئس فراهمي واري خبر جي ترديد ڪندي چيو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ 3 ڀيرا گيس جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو چيو آهي. چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهريلو ۽ واپاري صارفين کي گئس جي فراهمي ۾ گهٽتائي تي ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو ويو. پ پ جي سينيٽر شيري رحمان ۽ سليم مانڊوي والا نوٽيس پيش ڪيو. شيري رحمان چيو ته گئس جي لوڊشيڊنگ ايتري ٿي وئي آهي جو گهريلو صافين کي 3 ڏينهن گئس ملندو. نئين پاڪستان ۾ هاڻ اوهان ماني به نٿا پچائي سگهو.
سليم ماندوي والا چيو ته گئس بحران جو هڪڙو ئي حل ايران پاڪستان گئس پائپ لائن آهي. حڪومت کي ڊپ آهي ته اسان تي پابندي لڳي ويندي. حالانڪه ڀارت به ايران کان گئس وٺي رهيو آهي. جيستائين ايران مان گئس پائپ لائن نه ايندي پاڪستان ۾ گئس جو بحران برقرار رهندو.
وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته 70 سيڪڙو گئس ملڪ ۾ پيدا ٿئي ٿي ۽ 30 سيڪڙو امپورٽڊ گئس آهي. پاڪستان ۾ 2019 کان گئس جون قيمتون وڌيون نه آهن. سنڌ 38 سيڪڙو، بلوچستان 40 سيڪڙو، ڪي پي 12 ۽ پنجاب 9 سيڪڙو گئس ڏيندو آهي. ايل اين جي جو ٽينڊر 4 مهينا اڳ ڪيو ويندو آهي. پاڪستان جي تاريخ جو ايل اين جي جو سڀني کان سستو ڪانٽريڪٽ اسان جي حڪومت ڪيو.
حماد اظهر چيو ته هفتي ۾ 3 ڏينهن گئس فراهمي جي خبر غلط آهي. اسان هڪ ڏينهن دوران 3 ڀيرا گئس جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جو چيو آهي. اڄ پاڪستان ۾ 28 سيڪڙو گهراڻن کي گئس ملندي آهي. 70 سيڪڙو کان وڌيڪ گهراڻن کي گئس جي فراهمي نه پئي ٿي سگهي. گئس بحران جو تعلق ايل اين جي سان نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔